ويانا: آسٽريا 14 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن پاران سوشل ميڊيا جي استعمال تي ملڪ گير پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته 2027-28 تعليمي سال کان اپر سيڪنڊري نصاب ۾ ميڊيا لٽريسي ۽ مصنوعي ذهانت (AI) جي تعليم کي فروغ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، وائيس چانسلر هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم نوجوانن تي منفي اثر وجهي رهيا آهن ۽ تنهن ڪري عمر جي حد مقرر ڪرڻ ضروري آهي، جيئن ڪجهه ٻين مواد ۽ شين لاءِ ڪيو ويندو آهي.هن چيو ته هي پابندي قومي سطح تي لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته آسٽريا يورپي يونين ۾ اهڙن قدمن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو.وائيس چانسلر چيو ته نئين تعليمي سڌارن تحت، ميڊيا لٽريسي کي اپر سيڪنڊري سطح تي باقاعده مضمون طور شامل ڪيو ويندو، انفارميٽڪس ڪلاسز کي پڻ وڌايو ويندو، جنهن ۾ مصنوعي ذهانت شامل هوندي ته جيئن شاگردن کي ڊجيٽل سسٽم کي سمجهڻ ۽ ان جي خطرن ۽ موقعن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي صلاحيت ملي سگهي.آسٽريا جو قدم دنيا ۾ نوجوان ٻارن پاران سوشل ميڊيا جي استعمال کي محدود ڪرڻ جي وڌندڙ رجحان جو حصو آهي.
تبصرے بند ہیں۔