براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

اليڪٽرانڪ سگريٽ، شگر جي مرض جو ڪارڻ قرار

لنڊن: يورپ ۾ ٿيل هڪ نئين تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته عام سگريٽ جيان اليڪٽرانڪ سگريٽ يعني اي-سگريٽ جي استعمال سان به شگر جي مرض جو خطرو وڌي وڃي ٿو. تحقيق موجب، عام تماڪو وارو سگريٽ ڇڪڻ وانگر اي-سگريٽ ۽ ٻين تماڪو جي استعمال جي طريقن سان شگر جي…

حڪومت 5 سال پراڻين گاڏين جي درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت 5 سال پراڻين گاڏين جي ڪمرشل درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، اقتصادي رابطا ڪميٽي 5 سال پراڻين گاڏين جي درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهي گاڏيون 30 جون 2026 تائين درآمد ڪري سگهجن ٿيون،…

ضمني بلدياتي چونڊون: چيئرمين، وائيس چيئرمين جي 23 مان 17 سيٽن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب

ڪراچي: ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ ۾ ضمني بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي واضح برتري حاصل ٿي وئي آهي. 11 ضلعن ۾ چيئرمين، وائس چيئرمين جي 23 مان 17 سيٽن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب…

وچ اوڀر بحران تي آمريڪا جو نئون موقف: مسلمان ملڪن جي سربراهن کي 21 نڪتن تي ٻڌل پلان پيش ڪري ڇڏيو

نيويارڪ: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي مسلمان ملڪن جي سربراهن کي وچ اوڀر ۽ غزه جي لاءِ هڪ 21 نڪتن تي ٻڌل امن منصوبو پيش ڪري ڇڏيو، جنهن کي خطي ۾ امن جي قيام طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. اهو انڪشاف آمريڪا…

پاڪستان جو خلائي ميدان ۾ هڪ ٻيو انقلابي قدم، جديد سيٽلائيٽ خلا ۾ اماڻڻ جي تياري مڪمل

اسلام آباد: پاڪستان هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻندي جديد هائر اسپيڪٽرل سيٽلائٽ کي خلا ۾ اماڻڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. قومي خلائي اداري سپارڪو جي قيادت ۾ تيار ڪيل اها سيٽلائيٽ آڪٽوبر 2025 ۾ خلا ۾ روانو ڪيو ويندو، جنهن سان ملڪ جي سائنس،…

داسن شناڪا جو زيرو تي آئوٽ ٿيڻ جو عالمي رڪارڊ

ڪراچي: پاڪستان خلاف ايشيا ڪپ 2025 جي سپر فور مرحلي واري راند ۾، سريلنڪا جي آل رائونڊر داسن شناڪا، ٽي ٽوئينٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ زيرو تي آئوٽ ٿيڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ابو ظهبي ۾کيڏيل ميچ ۾14 هون ڀيرو زيرو تي آئوٽ…

سنڌ ۾ ضمني بلدياتي چونڊون: 14 ضلعن جي 28 سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري

ڪراچي: سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ضمني بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ 28 سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ جي شروعات صبح 8 وڳي کان ٿي جيڪا بنا ڪنهن رنڊڪ جي شام 4 وڳي تائين جاري رهندي. اليڪشن ڪميشن سنڌ موجب پولنگ مقرر وقت تي پرامن ماحول ۾ شروع ٿي، هينئر…

سنڌ موٽر وهيڪل رولز جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري، شرجيل ميمڻ عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت طرفان ٽريفڪ قانون ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ سنڌ موٽر وهيڪل رولز 1969ع ۾ اهم ترميم کان پوءِ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ترميم جي تحت ڳري ڪمرشل گاڏين جي مالڪن کي نئين شرطن تي عمل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو.…

ڪنوار گهوٽ جي ماءُ کان به وڏي: جاپان ۾ 63 ورهين جي عورت ۽ 31 ورهين جي نوجوان جي انوکي شادي

ٽوڪيو: جاپان ۾ هڪ دلچسپ محبت جي ڪهاڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، 63 ورهين جي عورت پاڻ کان 32 سالن جي ننڍي عمر جي نوجوان سان شادي ڪري ورتي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪنوار عمر ۾ گهوٽ جي والده کان به 6 سال وڏي آهي. هانگ ڪانگ جي سائوٿ چائنا…

مائيڪرو سافٽ ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: مائيڪرو سافٽ ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب مائيڪرو سافٽ سموري دنيا ۾ ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ اهم اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب 14 آڪٽوبر 2025 تي…