سنڌ حڪومت جو گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 42 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 42 هزار رپيا ڪري رهيا آهيون.

سنڌ اسيمبيلي ۾ تقرير ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هن وقت سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 37000 رپيا آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ان کي 40 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويزون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته اسان گهٽ ۾ گهٽ اجرت 42 هزار رپيا مقرر ڪنداسين.

هن چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ڪُل بجيٽ جو تقريبن 30 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پنجاب جي 23 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواهه جي 25.3 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

مراد علي شاهه تسليم ڪيو ته بلوچستان جي ترقياتي بجيٽ سنڌ کان وڌيڪ آهي پر اها به پ پ جي حڪومت جو حصو آهي.