دبئي: ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ ۽ عرب ملڪن تي ميزائلن حملن سبب بند ڪيل فضائي حدن کي جنگبندي کان پوءِ کوليو ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب متحده عرب امارات جي اختيارين جو چوڻ آهي ته يو اي اي جون فضائي حدون مڪمل طور تي بحال آهن پر مختلف ايئرپورٽس تي فلائٽس شيڊول متاثر ٿيو آهي.
اماراتي اختيارين موجب علاقائي صورتحال سبب فلائٽ شيڊول متاثر ٿي رهيو آهي، فضائي حدن ۾ اڏامن جي رش سبب فلائٽ شيڊول ۾ هيٺ مٿانهين ڪرڻي پئي پر اماراتي ايوي ايشن ٽيمن جو شيڊول برقرار رکڻ لاءِ ڪوشان آهي.
اماراتي ايئر لائين مسافرن کي هدايت ڪئي ته ملتوي ٿيل اڏامن سبب متاثر مسافر ٻيهر بڪنگ ڪرائي سگهن ٿا جڏهن ته مسافر ايئرپورٽ وڃڻ کان اڳ فلائٽ شيڊول چيڪ ڪن. انهي کان علاوه قطر به گذريل ڏينهن بند ڪيل فضائي حدن کي ٻيهر کولي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسرائيل طرفان به بند ڪيل فضائي حدون کوليون ويون آهن.
ياد رهي ته اڱاري جي صبح آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو جنهن جي تصديق ايراني اختيارين ۽ اسرائيلي وزيراعظم به ڪئي آهي.
پاڪستان جي وقت موجب ايران صبح 9 وڳي کان جنگبندي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو ۽ اسرائيل به پنهنجون فضائي حدون کولي ڇڏيون آهن. انهي کان علاوه آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان ڌرين کان جنگبندي جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جي اپيل به ڪئي وئي آهي.