واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جي تصديق ڪئي آهي.آمريڪي صدر ٻنهي ڌرين کي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو ته جنگ بندي شروع ٿي چڪي آهي، مهرباني ڪري جنگ بندي جي ڀڃڪڙي نه ڪريو.