تل ابيب: ايران کان پوءِ اسرائيل پڻ اعلان ڪيو آهي ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪيل جنگ بندي جي اعلان قبول ڪري ورتو، اسرائيلي وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نيتن ياهو چيو ته اسرائيل ٽرمپ جي ايران سان جنگ بندي جي تجويز تي متفق ٿي ويو آهي.اسرائيلي وزيراعظم آفيس موجب، اسرائيل جنگ بندي جي ڪنهن به خلاف ورزي جو سخت جواب ڏيندو.ان کان علاوه، اسرائيلي حڪومت هڪ بيان ۾ چيو ته ايران سان جنگ جا سڀئي مقصد حاصل ڪيا ويا آهن.