موسميات کاتي 26 جون کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي 26 جون کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب سانوڻي جون هوائون ملڪ جي اترين ۽ اوڀرين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سانوڻي جي هوائن ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو ته انهي سلسلي  جي تحت 26 جون تي ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، دادو ۾  تيز برسات جو امڪان آهي جڏهن ته 27 جون تي سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور، گهوٽڪي ۾ تيز برسات جو  امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن موسم  جهڙالو رهڻ جو امڪان آحي انهي کان علاوه 2 ڏينهن ۾ گرمي پد ۾ به اضافي جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اربع تي گرمي پد 37 ۽ خميس تي 38 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪراچي ۾ جمعي کان آچر جي دوران طوفاني هوائون ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔