اينٽي ڪرپشن پرويز الاهي خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: اينٽي ڪرپشن پي ٽي آءِ جي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب پرويز الاهي خلاف ڪيس ماسٽر پلان 2050 ۾ بي ضابطگين ۽ ڪرپشن تي داخل ڪيو ويندو.

اختيارين موجب ماسٽر پلان ۾ قصور جي ايراضي کي غيرقانوني طور تي برائون ڪيو ويو. پي ٽي آءِ صدر جي خلاف ڪيس اينٽي ڪرپشن لاهور ريجن اي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

اينٽي ڪرپشن جي اختيارين موجب ڪوٽله راني ابوبڪر جي ايراضي پرويز الاهي جي پٽ جي ملڪيت آهي. اختيارين چيو آهي ته چيئرمين ايل ڊي اي مونس الاهي جي چوڻ تي ايراضي جي جعلي نقشن تي صحيحون ڪيون.پرڏيهي ڪمپني سان اسٽيج 5 تي ماسٽر پلان جي غيرقانوني منظوري ڏني وئي.