ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ آرمي چيف جي ڪاوشن جا ڀارت ۾ به چرچا

ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ آرمي چيف  جنرل سيد عاصم منير جي ڪاوشن جا ڀارت ۾ به چرچا ٿيڻ لڳا آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي هڪ صارف عديل آصف ڀارتي نيوز چينل جي وڊيو شئير ڪئي جنهن ۾ نيوز ڪاسٽر مهانگائي کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي استحڪام لاءِ پاڪستاني آرمي چيف جي ڪوششن جي تعريف ڪري رهيو آهي .

نيوز ڪاسٽر جو چوڻ هو ته جيڪا مرضي ڪري  وٺو ، پاڪستان کي اڳتي وڌڻ کان هاڻي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي ڇو ته پاڪستاني فوج جي سپهه سالار ملڪي معاشي بحران کان ڇوٽڪاري لاءِ مورچو سنڀالي ورتو آهي. پاڪستاني آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي دوست ملڪن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي .

ڀارتي صحافي جو چوڻ هو ته توڙي جو اهو ڪم نهايت ئي ڏکيو آهي ڇو ته پوئين هڪ سال ۾ پاڪستان حڪومت لکين ڪوششن جي باوجود ملڪ جي حالت سڌاري نه سگهي ، اهڙي صورتحال ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ملڪي معيشت جي ڏور پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏي آهي .

نيوز ڪاسٽر جو چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ڪوششن سان هي ڪاروباري ماڻهو، زراعت ، کاڻين ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ وڏو انقلاب آڻيندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔