ڊالر جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به گهٽتائي، روپئي جو ملهه وڌڻ لڳو

ڊالر جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته روپئي جو ملهه وڌڻ لڳو  آهي .

اربعا ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 39 پئسا سستو ٿي ويو ، جنهن کانپوءِ ڊالر 298 رپيا 50 پئسن جو ٿي ويو .

ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جو مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو . پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ 96 پوائنٽس جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ انڊيڪس 45 هزار 604 پوائنس تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔