ڌرڻا مسئلي جو حل نه آهن، مغوين جا وارث، سول سوسائٽي ۽ شهري ساٿ ڏين: آءِ جي سنڌ

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٽي تلوار وٽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن ۽ مغوين جي وارثن صوبائي گهرو وزير حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪئي آهي

ملاقات ۾ مغوي ساگر ڪمار جي امڙ، هندو ڪميونٽي جي اڳواڻن ۽ شيما ڪرماڻي شامل، سمورن مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو

نگران گهرو وزير رٽائرڊ ڪيپٽن حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار ساگر ڪمار سميت سمورن مغوين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي

 آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته ڌرڻا مسئلي جو حل نه آهن، مغوين جا وارث، سول سوسائٽي ۽ شهري پوليس جو ساٿ ڏين

 ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ٻين چيو ته اڳ به خاطريون ڪرائڻ باوجود مغوي واپس نه ڪرايا ويا، اسان جي ٻچڙن جون حياتيون خطري ۾ آهن

 صوبائي گهرو وزير چيو ته مغوين جي باحفاظت واپسي اسان جي پهرين ترجيح آهي، ساگر ڪمار کي تمام جلد بازياب ڪرايو ويندو

 گذريل رات مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪراچي ۾ ٽي تلوار وٽ لڳايل ڌرڻو صوبائي گهرو وزير ۽ آءِ جي سان ملاقات ڪرائڻ جي خاطرين تي ختم ڪرايو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔