9 مئي سانحو: 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل، عمران خان 10 ڪيسز ۾ ڏوهاري قرار

لاهور: 9 مئي سانحي جي جاچ ڪندڙ ٽيم 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 10 ڪيسن ۾ نامزد ڪندي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ موجب 9 مئي ڪيسن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. جي آءِ ٽي جي ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين جي خلاف مُک ڪيس 23/96 جو چالان ٻن هزارن صفحن تي ٻڌل آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف سوشل ميڊيا بابت چار سئو کان وڌيڪ شاهديون مليون آهن. گرفتار جوابدارن جي بيانن ۽ نشاندهي تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو.

جي آءِ ٽي اختيارين موجب جناح هائوس حملي ۾ سڌو سنئون ملوث 80 جوابدارن جي بيانن ۾ سازش ظاهر ٿي آهي. 9 مئي جي واقعن تي جاچ دوران سازش جون شاهديون به مليون. پي ٽي آءِ چيئرمين جا بيان ان وقت جي حالتن کان تڪراري نظر آيا.

جي آءِ ٽي موجب ٻين 9 ڪيسن ۾ پڪين شاهدين جي روشني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ڏوهاري قرار ٿيو آهي. 14 ڪيسن جو چالان جلد عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔