اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد نگران وفاقي وزير مقرر

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  جو پرنسپل سيڪريٽري رهندڙ اڳوڻي بيورو ڪريٽ فواد حسن فواد کي وفاقي ڪابينه ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي نگران ڪابينه ۾ وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. صدر عارف علوي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ايڊوائس تي فواد حسن فواد جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب فواد حسن فواد کي جلد ئي وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو. ان حوالي سان فواد حسن فواد چيو ته مون کي اڃان تائين ڪنهن به کاتي جي چارج نه ڏني وئي آهي. مان سڀاڻي وزيراعظم سان ملاقات ڪندس. مون کي جيڪا به ذميواري ملندي اها  ايمانداري ۽ محنت سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن چيو ته منهنجو ماضي گواهه آهي ته مون هميشه ايمانداري ۽ محنت سان قومي مفاد لاءِ ڪم ڪيو آهي. آئنده به ائين ئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن موجب ڪارڪردگي ڏيکاريندس.

ياد رهي ته نيب فواد حسن فواد کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو جنهن ۾ نيب ڪرپشن ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو هو  جنهن کان پوءِ عدالت کيس نيب ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو هو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔