سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيف جسٽس هائوس خالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال ججز ڪالوني ۾ چيف جسٽس هائوس کي خالي ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال 16 سيپٽمبر تي رٽائرڊ ٿي ويندو. هن ججز ڪالوني ۾ چيف جسٽس هائوس کي خالي ڪري ڇڏيو آهي

ذريعن موجب چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال ججز لاءِ مختص ڪيل گهر ۾ منتقل ٿي ويو آهي. نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هلندڙ هفتي چيف جسٽس هائوس منتقل ٿي ويندو.

ياد رهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 17 سيپٽمبر تي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻندو. هن پنهنجي ساٿي ججز کي مانجهاندي جي به دعوت ڏني آهي. جنهن ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي به دعوت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔