بجلي بلن ۾ رليف تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، آءِ ايم ايف صنعتن کان مراعتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) وچ ۾ بجلي جي بلن تي رليف جي معاملي ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان بجلي ۽ پاڻ پيدا ڪندڙ صنعتن کي ڏنل مراعتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته بجلي پيدا ڪندڙ صنعتن جي لاءِ گيس جي قيمتن ۾ فوري طور تي اضافو ڪيو وڃي. بجلي تيار ڪندڙ صنعتن لاءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافو جولاءِ 2023 کان لاڳو ڪيو وڃي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بجلي پيدا ڪندڙ صنعتن جي لاءِ رعايتي ٽيرف ختم ڪري قيمتن ۾ اضافي جو پلان ڏنو وڃي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف اهو به مطالبو ڪيو آهي ته صارفين کي رليف ڏيڻ جي لاءِ پاور سيڪٽر جو نظام صحيح ڪيو وڃي.  ذريعن ٻڌايو آهي ته بجلي جي بلن تي رليف پلان جي آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ وقت گهريو ويو آهي.

ياد رهي ته بجلي جي ڳرن بلن ۾ رليف جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو هو پر آءِ ايم ايف پاڪستان کان ان حوالي سان لکت  ۾پلان طلب ڪيو هو، نگران وفاقي حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي لکت ۾ پلان به پيش ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔