اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن  سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن ڪئي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان بيرسٽر گوهر پيش ٿيو هن ٻڌايو ته علي ظفر هاءِ ڪورٽ ۾ آهي ان لاءِ اليڪشن ڪميشن نه پهچي سگهيو. علي ظفر اليڪشن ڪميشن ۾ ذاتي حيثيت سان دليل ڏيندو.

جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني انتظار جي لاءِ ٻڌڻي ۾ وقفي ڪري ڇڏيو. نثار دراني چيو ته پي ٽي آءِ وڪيلن کي دليلن جي لاءِ موقعا ڏنا ويا. پي ٽي آءِ جا وڪيل دليل ڏيڻ لاءِ اڄ به پيش نه ٿيا. ڪورونا سبب پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ هڪ سال جو وقت ڏنو ويو هو.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي وڪيل کي دليلن جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔