پابندي مڙهيل تنظيم سان معاهدو: وزيراعظم تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ وزيراعظم پابندي مڙهيل تنظيم سان معاهدي تي پارٽي اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺندو. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان اهم قومي معاملن، مهانگائي ۽ سياسي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سرگرم آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.
اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 4 وڳي شروع ٿيندو. اجلاس ۾ ٽئي گورنر، 2 وڏا وزير ۽ وفاقي وزير شرڪت ڪندا. جڏهن ته تحريڪ جا اڳواڻ، صوبائي وزير ۽ پارليامينٽ جا ميمبر به شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سان معاهدي تي ڪور ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي. جنهن کان پوءِ ڪور ڪميٽي پابندي مڙهيل تنظيم سان معاهدي جي معاملي تي غور ڪندي ۽ وزيراعظم مختلف قومي معاملن تي ڪور ڪميٽي کي اعتماد ۾ وٺندو.
ڪور ڪميٽي سياسي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪندي ۽ وزيراعظم معاشي صورتحال ۽ پارلياماني حڪمت عملي کان آگاهه ڪندو. اجلاس ۾ سعودي عرب کان ملندڙ معاشي پيڪيج تي به ڳالهيون ٿينديون ۽ لاهور جي ضمني چونڊ جي مهم بابت معاملن تي غور ٿيندو جڏهن ته ڪور ڪميٽي پارٽي کي فعال بنائڻ سميت ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ تي مشورا ڪندي.