پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، هن هفتي معاهدي جو امڪان

اسلام آباد: ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، معاهدو هن ئي هفتي ٿي ويندو. تفصيل موجب ناڻي واري وزير شوڪت ترين صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا آهن.
آءِ ايم ايف سان معاهدو هن هفتي ئي ٿي ويندو مان ته ان حوالي سان هڪ ٻن ڏينهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. شوڪت ترين چيو ته اسٽيٽ بينڪ بابت قانون لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت آهي. آئيني ترميم لاءِ اسان وٽ وڌيڪ اڪثريت نه آهي. آءِ ايم ايف کي اهائي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نيشنل بينڪ تي سائبر حملي جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر، نيشنل بئنڪ کان پوءِ وڌيڪ سائبر حملن جو امڪان آهي. دشمن ملڪ اسان جي پاسي ۾ ويٺل آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ دير نه ٿيندي. صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، مهانگائي هڪ عالمي مسئلو آهي. عالمي قيمتون منهنجي ڪنٽرول ۾ نه آهن. ڊالر جي ايڪسچينج ريٽ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ٻڌائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔