وزيراعظم عمران خان جو 9 آگسٽ تي ٽائيگر فورس ڊي ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان 9 آگسٽ تي ٽائيگر فورس ڊي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ته هڪ ڏينهن ۾ سڀ  کان وڌيڪ ٻوٽا لڳائي رڪارڊ قائم ڪنداسين

وزيراعظم عمران خان نوجوان رضاڪارن کي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 9 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو ويندو ، ٽائيگر فورس ڊي ملهائڻ جو مقصد ملڪ ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ آهي .

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ان ڏينهن پوري پاڪستان ۾ وڻڪاري شروع ڪنداسين ،هن اسمبلي ميمبرن، وڏي وزيرن ۽ مڙني پاڪستانين کي چيو ته اهي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن

هن چيوته 9 آگسٽ تي 10 لک ٽائيگر رضاڪارن کي اڳتي اچڻو آهي جڏهن ته اسان جي نوجوانن ۽ شاگردن کي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔