ڪراچي ۾ پاڻي جي فطري لنگهن تي اڏاوتن سبب نيڪال نه ٿي سگهندو آهي:وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فطري لنگهن تي اڏاوتون ڪيون ويون، نالن تي حددخليون هجڻ سبب برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهندو آهي، ڪراچي جي صورتحال تي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري بلديات، واٽر بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرز طرفان شرڪت ڪئي وئي، برسات جي صورتحال جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته رڳو نالن جي صفائي مسئلي جو حل نه آهي، برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ لوڪل باڊيزي وٽ ايس او پي هجڻ گهرجي، ڪراچي ۾ برسات بعد ڪجهه نالا چوڪ ٿيڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا، وڏي وزير لوڪل گورنمينٽ ۽ آبپاشي کاتي کي خراب ٿيل روڊز جي ڊزائين تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته برسات دوران جِن علائقن ۾ گهرن اندر پاڻي داخل ٿيو، اُن جي رپورٽ ڏني وڃي، شهر ۾ هر سب ڊويزن تي وزير ۽ صلاحڪارن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔