روس ۽ ترڪي پاران آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ تڪرار کي روڪڻ لاءِ امن ڳالهين تي زور

روس ۽ ترڪي آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ تڪرار کي روڪڻ لاءِ امن ڳالهين تي زور ڏنو آهي.
ميڊيا جي رپورٽن مطابق روسي صدر ولاديمير پوٽن ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ ۽ ليبيا ۽ شام ۾ تازي پيش رفت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي سهڪار ۽ ڳالهين تي اتفاق ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔