پاڪستان جي تاريخ ۾ سون رڪارڊ مهانگو، في تولو مُلهه هڪ لک 19200 رپين تائين پهچي ويو

ڪراچي: سون هڪ لک اوڻيه هزار ٻه سو رپين واري مٿانهين اگهه تي بيٺل آهي ، چاندي جي اگهه ۾ به في تولو ٻه رپيا واڌ ڪئي وئي ، ڊالر ۽ پائونڊ ۾ گهٽتائي نه آئي، ان ڏ س ۾ ڪراچي صرافه بازار آچر جي موڪل سبب بند رهي، شهر ۾ سون 119200 رپين واري مٿانهين اگهه تي بيٺل رهيو ، جڏهن ته چاندي 2 رپيا اضافي سان 1425 مان 1427 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن آمريڪي ڊالر 168.2 ۽ برطانوي پائونڊ 215 رپين تي بيٺل رهيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔