شتروگن سنها ڪنگنا رناوت تي تنقيد ڪندڙن کي ”ساڙوٽو“ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار شتروگن سنها چيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو ڪنگنا رناوت خلاف ڳالهائيندا آهن، ڇو ته اهي هن سان ساڙ ڪن ٿا.
بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ڪنگنا رناوت بنا خوف بيانن جي ڪري مشهور آهي ۽ هوءَ آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن تڪرار جو شڪار رهي ٿي.
ڀارتي فلم انڊسٽري جي ناليواري اداڪار سشانت سنگهه راپوت جي آپگهات جو سبب پنهنجا نوازي قرار ڏيڻ کانپوءِ بالي ووڊ جون ڪيتريون ئي شخصيتون ڪنگنا رناوت خلاف ٿي ويون ۽ اداڪارا کي اهڙي بيان تي ڇتي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو.
ليجنڊري اداڪار شتروگن سنها تازي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته جيڪي ماڻهو ڪنگنا رناوت خلاف ڳالهائي رهيا آهن، حقيقت ۾ انهن کان ڪنگنا جي ڪاميابي برداشت نه پئي ٿئي.
سندس چوڻ هو ته مان ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏٺو آهي، جيڪي ڪنگنا خلاف ڳالهائيندا آهن، اهي پنهنجي اندر ۾ ڪنگنا خلاف ”جيلسي“ رکندا آهن، انهن کي ڪنگنا جي ڪاميابي ۽ بهادري هضم نٿي ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔