برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين جو ڊيٽا چوري

ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ فراهم ڪندڙن تي هيڪرن جي حملي سان برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جي گھٽ ۾ گھٽ 10 يونيورسٽين جي موجوده يا اڳوڻن شاگردن جو ڊيٽا چوري ٿي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هيومن رائيٽس واچ ۽ ٻارن جي ذهني صحت جي فلاحي تنظيم، ينگ مائينڊز به تصديق ڪئي آهي ته هو متاثر ٿيا آهن.
ان هيڪ بليڪ بائوڊ کي نشانو بڻايو جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي تعليمي ايڊمنسٽريشن فراهم ڪندڙ، فنڊ ريزنگ ۽ مالياتي انتظام جو سافٽ ويئر فراهم ڪندو آهي.
واضح رهي ته آمريڪا ۾ موجود ان ڪمپني جو سسٽم مئي ۾ هيڪ ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔