ڪورونا سبب هالي ووڊ فلمن جي رليز دير جو شڪار

ڪيليفورنيا : عالمي وبا ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي هالي ووڊ فلمن جي رليز دير جو شڪار ٿي وئي آهي.
آمريڪي انٽرٽيمنمينٽ ڪمپني ڊزني ايندڙ سال امڪاني فلمن جي رليز ۾ دير جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي بجيٽ جي فلم مولان جي رليز اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي جڏهن ته اسٽار وارز ۽ ايواٽر هڪ سال جي دير سان رليز ڪيون وينديون .
فلم مولان جي رليز ان کان اڳ به ٻه ڀيرا ملتوي ٿي چڪي آهي جڏهن ته نئين تاريخن جي حساب سان ايواٽر جو سيڪوئل 2021ع بدران ڊسمبر 2022ع ۾ ۽ اسٽار وارز جي ڏهين قسط 2022ع بدران 2023ع ۾ رليز ٿيندي.
رفلم جي ڊائريڪٽر، مددگار پروڊيوسر ۽ اسڪرين رائيٽر جيمز ڪيمرون جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا سبب لاس اينجلس ۾ اسپيشل افيڪٽس جو ڪم اڃا شروع ناهي ٿيو ۽ اهو سبب آهي جو فلم جي رليز جي تاريخ متاثر ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔