پاڪستان ۾ دهشتگردي افغانستان مان ٿيندي آهي:گڏيل قومون

ڪراچي : گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي افغانستان مان ٿيندي آهي، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ جماعت الاحرار دهشتگردي ۾ ملوث آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ دهشتگردن جي موجودگي پاڙيسري ملڪن لاءِ وڏو خطرو آهي. گڏيل قومن پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي قيادت افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪرائيندي آهي،جنهن ۾ سياسي توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا شامل آهن. ڪالعدم تنظيمن جا گروپ پاڪستان کي نشانو بڻائي بيگناهه شهرين جو قتلام ڪري رهيا آهن. عالمي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته داعش جي افغانستان ۾ موجودگي ۽ ان ۾ وڏي پيماني تي مقامي گروپ سرگرم ڪرڻ دنيا لاءِ خطرناڪ آهي. عالمي اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ به دهشتگرد سرگرم آهن، جنهن تي ڳڻتي آهي،جڏهن ته اُهي دهشتگرد پاڪستان،بنگلاديش سميت ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪري سگهن ٿا، جنهن سان امن عمل کي ڇيهو رسندو ۽ وڏي پيماني تي عام شهرين کي حياتين تان هٿ ڌوئڻو پوندو. واضح رهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن خلاف ڊگهي عرصي کان مختلف نالن سان آپريشن ٿيندا رهيا آهن،اسلام آباد هن وقت به ايف اي ٽي ايف جي گِري لسٽ ۾ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔