ڀارت جو هنگامي بنيادن تي فرانس کان هيمر ميزائل خريدڻ جو فيصلو

نئين دهلي: ڀارت جو جنگي جنون جاري آهي ۽ رافيل جهازن کان پوءِ ڀارت هنگامي بنيادن تي فرانس کان هيمر ميزائلن جي خريداري جو فيصلو ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا سرڪاري ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته هيمر ميزالن جي خريداري ۾ اڳڀرائي به ٿي آهي ۽ فرانس محدود وقت جي باوجود ڀارت کي هيمر ميزائل سپلاءِ ڪرڻ جي لاءِ به تيار ٿي ويو آهي.

رپورٽ موجب مودي سرڪار طرفان ڀارتي فوج کي ڏنل ايمرجنسي پاورز جي تحت اِهو معاهدو ڪيو پيو وڃي پر ڀارتي فضائيه خبر جي ترديد يا تصديق کان پاسيري آهي.

فرانس جي رافيل ويڙهاڪ جهازن جي لاءِ 60 کان 70 ڪلو ميٽر تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هيمر ميزائل جو معاهدو اهڙي وقت ڪيو پيو وڃي جڏهن ڀارت جي چين سان گڏ لداخ جي معاملي تي سخت تڪرار آهي ۽ ان معاهدي کي ساڳي تڪرار کي نظر ۾ رکندي ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔