ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار

ڪراچي :ڪراچي ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ جي مختلف واقعن ۾ ٻار سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

چوماسيءَ جو ٽيون اسپيل ايندي ئي ڪراچي ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي، شهر جي مختلف علائقن ملير، ماڊل ڪالوني، سعود آباد، نيو ڪراچي، ايئرپورٽ، لانڍي، ڪورنگي، گلستان جوهر، شاهه فيصل، موسميات، گذري، صدر، شاهراهه فيصل ۽ ٻين هنڌن تي هوائن سان گڏ برسات پئي، جنهن کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي پيو.

شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات پوندي ئي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته روڊن تي پاڻي بيهجڻ سبب بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي.

ريسڪيو ادارن موجب شهر ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

گارڊن ڦوهارا چوڪ ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو، جنهن جي سڃاڻپ 55 ورهين جي يوسف جي نالي سان ٿي، جڏهن ته لانڍي جي علائقي قذافي ٽائون جي گرائونڊ ۾ بجلي جي ٽٽل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 22 ورهين جي عثمان پٽ اختر جي نالي سان ٿي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ 18 ورهين جي اقبال طور ٿي ۽ ٻنهي کي جناح اسپتال نيو ويو.

ٻئي پاسي گلشن حديد فيز ٽو ۾ طاهر ميڊيڪل ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب 10 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن جي مڙهه کي به جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب مون سون جي ٽئين اسپتال بابت اندازا غلط ثابت ٿيا آهن ۽ شهر ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته رات جي وقت تيز برسات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو، جيڪو سڀاڻي ٻيپهري تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔