هڪ مهيني ۾ ڪرپشن جي ڪيسز تي فيصلو نٿو ٿي سگهي، نيب چيئرمين طرفان سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب

اسلام آباد : هڪ مهيني ۾ ڪرپشن جي ڪيسز تي فيصلو نٿو ٿي سگهي، نيب چيئرمين طرفان سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب منظرعام تي اچي ويو، ڪرپشن جي ڪيسز ۾ 50-50 شاهد ٺاهڻ قانوني مجبوري قرار، جواب ۾ نيب چيئرمين ڪيسز جو بار کڻڻ لاءِ عدالتن جي تعداد کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا ٻڌايو ته عدالتن جو انگ نه وڌڻ سبب ٽرائل ۾ دير ٿي رهي آهي، سُپريم ڪورٽ پلي بارگين ذريعي رقم جي واپسي جا اختيار به استعمال ڪرڻ کان روڪيو آهي، اهڙي اجازت ملي وڃي ته گهڻا ڪيس عدالتن تائين نه پهچندا، نيب چيئرمين سُپريم ڪورٽ جي اسٽي آرڊر کي ٽرائل ۾ دير جو ڪارڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ سُپريم ڪورٽ جي واضح ڪيل اصولن تي عمل نه ڪنديون آهن، جوابدارن طرفان مختلف درخواستون داخل ڪرائڻ وارو عمل به ٽرائل ۾ دير جو ڪارڻ قرار، جواب ۾ نيب چيئرمين چيو آهي ته عدالتن طرفان استعمال ٿيندڙ سياسي شخصيتن واري لفظ جِي به غلط تشريح ڪئي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔