هڪ احتساب عدالت لاءِ جج سوڌو 15 آفيسر ۽ ملازم گهربل هوندا

اسلام آباد : ملڪ ۾ 120 نين احتساب عدالتن جو عملو ۽ خرچ ڪيترو هوندو؟ نيب سُپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ، رپورٽ ۾ نيب چيو آهي ته هڪ احتساب عدالت لاءِ جج سوڌو 15 آفيسرز ۽ ملازم گهربل هوندا، مجموعي طور 120 ججز سوڌو 18 سئو آفيسرز ۽ ملازم مقرر ڪرڻا پوندا، احتساب عدالت جي هڪ جج رعايتن سوڌو پگهار 4 لک 15 هزار رُپيا ماهوار آهي، 120 نيب عدالتن کي الائنسز جي مد ۾ 70 ڪروڙ ۽ معمول جي الائنسز جي مد ۾ 65 ڪروڙ رُپيا ادا ڪرڻو پوندا، جڊيشل الائونس ۽ اسپيشل جڊيشل الائنس جي مد ۾ 24 ڪروڙ ۽ پاڻي جي مد ۾ ساليانو 60 لک رُپيا خرچ ادا ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔