وفاقي سرڪار مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ٽرئڪٽرز تي سيلز ٽئڪس ۾ ڏيڍ ارب رُپين جِي سبسڊي ڏيڻ جِي منظوري

اسلام آباد :وفاقي سرڪار مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ٽرئڪٽرز تي سيلز ٽئڪس ۾ ڏيڍ ارب رُپين جِي سبسڊي ڏيڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ٽرئڪٽر جي وڪري تي 5 سيڪڙو سيلز لاڳو آهي، مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ٽرئڪٽرز کي هڪ سال لاءِ سبسڊي ڏني وئي آهي، ايف بي آر طرفان جي ايس ٽي تي سبسڊي لاءِ باضابطا طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، ٽرئڪٽرز تيار ڪندڙ ڪمپنيز هر مهيني ايف بي آر ۽ لاڳاپيل وزارت کي رپورٽ ڪنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔