اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف 92 پرڏيهي دورا ڪيا،هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا خرچ آيو:سينيٽ ۾ رپورٽ پيش

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت 2008 کان 2018 تائين جي وزير اعظمن جي پرڏيهي دورن دوران خرچ ڪيل رقم بابت لکت ۾ جواب سينيٽ ۾ پيش ڪرائي ڇڏيو. پرڏيهي وزارت موجب اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي حڪومتي دور ۾ 48 ملڪن جا دورا ڪيا، جن تي 57 ڪروڙ 16 لک رپيا خرچ ٿيا، سندس وفد ۾ 2137 ماڻهو شامل هئا. اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف پنهنجي حڪومتي دور ۾ 9 پرڏيهي دورا ڪيا، جن تي 10 ڪروڙ 71 لک رپيا خرچ ٿيا. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پنهنجي حڪومتي دور ۾ 92 پرڏيهي دورا ڪيا، جن تي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا خرچ آيا، نواز شريف سان گڏ 2390 ماڻهن به پرڏيهي دورا ڪيا، اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي حڪومتي دور ۾ 19 ملڪن جا دورا ڪيا،جن تي 25 ڪروڙ 95 لک رپيا خرچ ٿيا. رپورٽ موجب وزير اعظم عمران خان 2018 دوران 6 ملڪن جا دورا ڪيا، جنهن تي 4 ڪروڙ 56 لک رپيا خرچ آيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔