مخالف ڌر نيب ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم آڻڻ چاهي ٿي ته ان کي پارليامينٽ ۾ آڻي: چوڌري سرور

لاهور: پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته مخالف ڌر قومي احتساب بيورو(نيب) ۾ ڪابه تبديلي آڻڻ چاهي ٿي ته ان کي پارليامينٽ ۾ کڻي اچي.

چوڌري محمد سرور چيو ته عوام ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل ۽ شفافيت جا حامي آهن. حڪومت کي سياسي مخالفن جي اي پي سيز مان ڪوبه خطرو ناهي.

هن چيو ته عوام اپوزيشن جي حڪومت مخالف ڪنهن به مهم جو حصو نه بڻجندا ڇو ته عوام تحريڪ انصاف جي حڪومت لاءِ 5 سال جو مينڊيٽ ڏنو آهي. پنجاب جي گورنر وڌيڪ چيو ته حڪومت ادارن کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪري مضبوط بنائي رهي آهي. ڪرپشن جو خاتمو بنا ڪنهن فرق جي، صاف شفاف ۽ احتساب ملڪ ۽ قوم جي ضرورت آهي.

چوڌري محمد سرور چيو ته اپوزيشن کي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهران پنهنجو مثبت جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڳالهائيندي پنجاب جي گورنر چيو ته ايندڙ ٻه هفتا تمام گهڻا اهم آهن عيد ۽ مال پڙين ۾ ڪورونا ايس او پيز جي باري ۾ ڪوتاهي تباهه ڪندڙ هوندي. پنجاب جي گورنر چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ پنهنجو پاڻ ڪورونا کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔