ملڪ ۾مهانگائي جو اڻ کٽندڙ سلسلو ۽ ويچارو عوام

هن ڀيري ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جو ڀوت اهڙو ته گهر ڪري ويو آهي جو غريب ۽ وچولي طبقي جا لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا اٿس .

گذريل ٻن سالن کان ملڪ ۾ لاڳيتو مهانگائي جو اڻ کٽندڙ سلسلو هلي پيو آهي جنهن جي رڪجڻ جا ڪي به آثار نظر ڪونه پيا اچن

تازوئي ڳڻپ کاتي پاران ملڪ ۾ مهانگائي جي تازي لهر بابت هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي

ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب گذريل هڪ هفتي اندر کنڊ 2 رپيا 52 پئسا مهانگي ٿي في ڪلو 87 رپيا 84 پئسن جي ٿي وئي آهي جڏهن ته اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 34 رپيا مهانگو، پٽاٽا2 رپيا، بصر 4 رپيا في ڪلو جي حساب سان مهانگا ٿي ويا آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ڳاڙهن مرچن جي اگهه ۾ في ڪلو 16 رپيا واڌ، کير، ڏهي، گوشت ۽ چانورن جون قيمتون به معلوم کان وڌيڪ ورتيون پيون وڃن .

ڳڻپ کاتي جي تازي رپورٽ مان اهو ظاهر آهي ته شين جا اگهه سال يا ڇهن مهينن جي بنياد تي نه پر هفتي هفتي ۾وڌي رهيا آهن ۽ اهو واڌارو سرڪاري سطح تي نه پر دڪاندارن ۽ منافعي خورن جي ذاتي مرضي موجب ٿي رهيو آهي جنهن کي پرائيس لسٽ ڪنٽرول اٿارٽي سميت ڪو به سرڪاري ادارو چيڪ ڪرڻ وارو ناهي .

ملڪ جو عوام ٻن سالن کان مهانگائي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ۽ اُها ڌُٻڻ ڪا قدرتي ناهي پر معاشري جي هڪ خاص منافعي خور طبقي جي پيدا ڪيل آهي.

افسوس اهو آهي جو هن ملڪ جو عوام سرڪار پاران مقرر سڀئي ٽئڪسيون ادا ڪرڻ کانپوءِ به اهڙن منافعي خورن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل آهي .

آئي ڏينهن کير، ڏهي ، گوشت، سبزين، دالين توڙي ٻين عام واهپي وارين شين جا اگهه مرضي سان وڌايا پيا وڃن پر انهن نظر رکڻ وارو ڪوئي ناهي .

سرڪاري ادارا يا ته پنهنجو ڪم ڪرڻ وساري ويٺا آهن يا ته اهي ڪم ڪرڻ چاهين ئي نه ٿا عوام بس اهڙين ئي مافيائن هٿان ڏينهن رات لٽجي ۽ ڦرجي رهيو آهي .

عوام وٽ پاڻ سان ٿيندڙ ظلم خلاف احتجاج جو ئي واحد رستو آهي ۽ هو انهن زيادتين خلاف احتجاج ڪري به ٿڪجي پيو آهي پر ڪو به ناهي جيڪو سندس اهو آواز ٻڌي ۽ ورنائي .

هن وقت ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي مهانگائي سبب زندگي نهايت ئي ڏکي ٿيندي پئي وڃي ، ڪرونا ۽ لاڪ ڊائون ته اڳ ۾ ئي سندن جيئڻ جنجال ڪيو هو ويتر هن مهانگائي انهن جي باقي ڪسر به ڪڍي ڇڏي آهي .

مهانگائي جو ماريل عوام هاڻي وڌيڪ سَٽ سهڻ جهڙو نه رهيوآهي ، حڪومت کي فوري طور تي مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔