عيد تي پرديسين جي لاءِ 4 اسپيشل ريل گاڏيون هلائڻ جو فيصلو

راولپنڊي: پاڪستان ريلوي قرباني واري عيد تي پرديسين جي لاءِ 4 اسپيشل ريل گاڏيون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي .

راولپنڊي کان ملتان لاءِ اسپيشل عيد ريل گاڏي جي اڄ ڇنڇر 25 جولاءِ کان اڳواٽ بڪنگ به شروع ڪئي وئي آهي .

27 جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين 5 ڏينهن سڀني ريل گاڏين سان هڪ هڪ واڌو ڪوچ لڳائي ويندي

راولپنڊي کان ڪراچي وڃڻ واري گرين لائين ايڪسپريس لاءِ 27 جولاءِ کان 30 جولاءِ تائين روزانو هڪ اڪانامي ڪوچ لڳائي ويندي ، 3 اسپيشل عيد ريل گاڏيون 27، 28 ۽ 29 جولاءِ تي ڪراچي کان راولپنڊي ۽ پشاورلاءِ نڪرنديون.

سماجي وِٿي جي ايس او پي هيٺ 40 سيڪڙو سيٽون خالي رکيون پيون وڃن .

تيزگام ، سر سيد، پاڪستان ، عوام ايڪسپريس  ۾ به هڪ هڪ اڪانامي ڪوچ واڌو لڳائي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔