ڪراچي ۾ ڪڪرن جا لامارا، هلڪي ڪڻ ڪڻ ، موسم وڻندڙ ٿي وئي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪڪرن جا لامارا جاري آهن ، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ سان موسم وڻندڙ ٿي وئي

ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارا علائقا چوماسي جي وسڪاري جي اثرهيٺ آهن ، ڪيترن ئي علائقن ۾ هلڪي ڪڻ ڪڻ کانپوءِ موسم نهايت ئي وڻندڙ ٿي وئي

هڪ پاسي جتي ڪراچي واسي مزيدار موسم جو مزوماڻي رهيا آهن ته اتي برسات جي پهرين ڪڻي سان گڏ ئي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي، ٻئي پاسي واري هلڪي ڪڻ ڪڻ جي ڪري روڊن تي تِرڪڻ ٿيڻ سبب ڪيترن ئي موٽر سائيڪلن جي ڪِرڻ جا واقعا به پيش آيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔