ملڪ ۾ ڪوروانا جي فعال ڪيسز جو انگ 29 هزار 504 رهجي ويو

اسلام آباد : دنيا سان گڏ ملڪ اندر ڪرونا ڪيسز ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، ملڪ ۾ فعال ڪيسز جو انگ 29 هزار 504 رهجي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 24 مريض فوت ٿيڻ بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 5 هزار 787 ٿي ويو. ملڪ ۾ 1487 نوان ڪيسز به رپورٽ ٿيا آهن،جنهن بعد مجموعي طور متاثرن جو انگ 2 لک 71 هزار 887 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ سينٽر مطابق سنڌ ۾ 2 هزار 110،پنجاب ۾ 2 هزار 113، ڪي پي ۾ هڪ هزار 170 ۽ بلوچستان ۾ 136 شهري جان جي بازي هارائي ويا. رپورٽس مطابق اسلام آباد ۾ 162، گلگت ۾ 47 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 49 شهري حياتيون وڃائي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔