دنيا ۾ ڪرونا وائرس وگهي 6 لک 42 هزار 751 حياتيون ضايع

نيويارڪ : دنيا ۾ ڪرونا وائرس 6 لک 42 هزار 751 حياتيون ڳڙڪائي ويو،جڏهن ته متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 59 لک 41 هزار 806 ٿي ويو آهي. عالمي رپورٽس مطابق دنيا ۾ ڪرونا کان متاثر 97لک 24 هزار 289 شهري صحتياب ٿي چڪا آهن. رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ فوتين جو انگ وڌي هڪ لک 48 هزار 490،برازيل ۾ 85 هزار 385 ۽ ڀارت ۾ 31 هزار 406 ٿي ويو. روس ۾ 13هزار،ڏکڻ آفريقا ۾ 6 هزار 343،ميڪسيڪو ۾ 42 هزار 645 ۽ پيرو ۾ 17هزار 843 شهري جان جي بازي هارائي ويا. لاطيني آمريڪا جي ملڪ چلي ۾ 8 هزار 914،اسپين ۾ 28 هزار 432،برطانيا ۾ 45 هزار 677 ۽ فرانس ۾ 30 هزارن کان وڌيڪ شهري ڪرونا جو کاڄ ٿي ويا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔