آيا صوفيا بعد ايندڙ منزل مسجد اقصي کي آزاد ڪرائڻ آهي : رجب طيب اردگان

انقرا: ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته آيا صوفيا کي ڇهاسي سالن بعد مسجد ۾ تبديل ڪرڻ بعد سندن ايندڙ منزل مسجد اقصي کي آزاد ڪرائڻ آهي.
اسرائيل جي خبر ايجنسي جي مطابق ، ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان اعلان ڪيو آهي ته 86 سالن کانپوءِ آيا صوفيا کي مسجد بنائڻ بعد اسان جي ايندڙ منزل مسجد اقصي آهي ، جنهن کي اسان آزاد ڪرائينداسين.
ياد رهي ته ڇهاسي سالن ۾ پهريون ڀيرو 24 جولاءِ تي آيا صوفيا ۾ نماز ادا ڪئي وئي هئي جڏهن ترڪي جي هڪ عدالت تازو ئي آيا صوفيه جي تاريخي عمارت کي ٻيهر مسجد ۾ تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔