ترڪي جي شهر استنبول جي مشهور مسجد آيا صوفيه ۾ 86 ورهين کان پوءِ جمعي جي نماز ادا ڪئي وئي

انقره: ترڪي جي شهر استنبول جي مشهور مسجد آيا صوفيه ۾ 86 ورهين کان جمعي جي نماز ادا ڪئي وئي.

ان موقعي تي لکين نمازي جمعي نماز پڙهڻ لاءِ آيا صوفيه پهتو. ميڊيا جي رپورٽن موجب ماڻهن جو سمنڊ ڏسي ائين پئي لڳو ڄڻ سڄو استنبول شهر ڪهي آيو هجي. نماز کان خطبو ٿيو ۽ ترڪ صدر تلاوت پڻ ڪئي.

طويل عرصي کان پوءِ جڏهن مسجد جي مينارن مان آزان جي صدا بلند ٿي ته هر اک آلي ٿي وئي ۽ روح پرور منظر ڏسڻ ۾ آيا.

مقامي ماڻهو رات کان مسجد جي ٻاهران اچي ويهي رهيا هئا، تنهن هوندي ڏيڍ هزار نماز جي گنجائش هئڻ ۽ مسجد ۾ جاءِ نه ملڻ جي ڪري لکين شهرين ٻاهر گهٽين ۽ روڊن تي نماز پڙهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔