تعليم واري صوبائي وزير پاران سنڌ ۾ 5 هزار بوگس اسڪول بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني اعلان ڪيو آهي ته سنڌ ۾ 5 هزار بوگس اسڪول بند ڪيا ويندا، اهي اسڪول سياسي بنيادن تي قائم ڪيا ويا هئا، جتي ٻار داخل ٿيل ئي ناهن ۽ نه ئي ڀرپاسي ۾ ڪو ڳوٺ آهي، اڪثر اسڪول اوطاقن طور استعمال ٿين ٿا، اسان جتي آبادي آهي، ٻار آهن، اسان اتي مختلف ننڍن اسڪولن کي گڏائي 500 وڏا ڪيمپس اسڪول قائم ڪنداسين. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي سوال ڪيو ته خانگي اسڪول وڌيڪ في وصول ڪري رهيا آھن، تعليم کاتو ڇا پيو ڪري؟ جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سوين خانگي اسڪول ۽ مدرسا اهڙا آھن، جيڪي رجسٽرڊ ناهن، جتي هزارين ٻار پڙھي رهيا آھن، سوشل سيڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ ٿيل ليبر ( پورهيتن ) کي سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، اسان جي ڪوشش آھي ته اهڙا سمارٽ ڪارڊ سڀني پورهيتن کي جاري ڪيا وڃن، سمارٽ ڪارڊ رکندڙ پورهيتن جي ٻارن جي 70 سيڪڙو في حڪومت ادا ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ماضي ۾ بلينڪ آرڊرن تي استاد ڀرتي ڪيا ويا، هاڻ تعليمي نظام ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون ويون آھن، استادن جون 37 هزار جايون خالي آھن، ڀرتين ۾ دير ٿيڻ جو سبب عدالت جي حڪم تي ڀرتين جا رولز ٺاهڻ هو، قانون کاتي پاران رولز ٺهي چڪا آھن، استان جون خالي جايون جلد ڀريون وينديون. پي ٽي آءِ جي رابعه اظفر سوال پڇندي چيو ته ڪورونا دوران اسڪول ڇڏڻ جو ريشو ( تناسب ) وڌيو آهي، اهو ريشو خاص ڪري ٻهراڙين ۾ تمام گهڻو وڌي ويو آهي، ان لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ جنهن تي صوبائي وزير چيو ته نئين مردم شماري مطابق صوبي ۾ اسڪول جي عمر وارن ٻارن جو تعداد 12.5 ملين ( سوا ڪروڙ ) آهي ، هن وقت سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن، مدرسن ، مختلف نجي اسڪول (جيڪي رجسٽرڊ ناهن )۾ 85 لک ٻارڙا پڙهن ٿا، صوبي جا 35 کان 40 لک ٻار تعليمي ادارن کان پري آهن، جن کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي. سعيد غني چيو ته اسڪولن بابت مختلف سروي ڪيا ويا آهن ۽ ڪيا پيا وڃن، هاڻوڪي سروي مطابق صوبي ۾ 49 هزار سرڪاري اسڪول آهن ، جن مان 90 سيڪڙو پرائمري اسڪول آهن. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ته پرائمري جي مقابلي ۾ ثانوي ( هائر) اسڪولن جي گهٽتائي آهي، انهي لاءِ اسان مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن، 500 پرائمري اسڪولن کي اپ گريڊ ڪري هائر سيڪنڊري اسڪول ڪيو ويندو يا وري انهن علائقن ۾ ثانوي اسڪول تعمير ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔