وزارت تان استعيفيٰ ڏيندڙ فروغ نسيم ٽيون ڀيرو وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيس ۾ وفاق جِي پيروي لاءِ وزارت تان استعيفيٰ ڏيندڙ فروغ نسيم ٽيون ڀيرو وفاقي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي،فروغ نسيم کي سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي احتساب عدالتون قائم ڪرڻ واري معاملي جي ذميواري ملڻ واري آهي، فروغ نسيم قانون واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ لاءِ وزير طور حلف کڻي ورتو، ايوانِ صدر ۾ تقريب دوران صدر عارف علوي فروغ نسيم کان حلف کڻايو، تقريب ۾ حڪومتي وزيرن سوڌو اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، وفاقي حڪومت طرفان لاچاري ظاهر ڪرڻ کانپوءِ به سُپريم ڪورٽ قانون واري وزارت کي 120 احتساب عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ وفاقي ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو حڪم ڏنو هو. فروغ نسيم آرمي چيف جَي مدي جَي حوالي سان ڪيس ۾ به وڪالت ڪرڻ لاءِ وزارت تان استعيفيٰ ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔