ڪلڀوشن معاملو: اسان آرڊيننس جاري ڪري ڀارت جا هٿ وڍي ڇڏيا: فروغ نسيم

اسلام آباد: وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته حساس قومي معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي ڪا به سزا معاف نه ڪئي وئي آهي ، پاڪستان عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو

پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ قومي اسمبلي ۾ ڳالهائيندي فروغ نسيم جو چوڻ هو ته هو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ڪلڀوشن بابت آرِڊيننس آڻڻ ڇو ضروري هو .

فروغ نسيم جو چوڻ هو ته ڀارتي جاسوس جي سزا معاف نه ڪئي وئي آهي ، اسان آرڊيننس جاري ڪري ڀارت جا هٿ وڍي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي ، اسان جي عالمي عدالت جو چوڻ نه مڃون ها ته اهو سٺو نه ٿئي ها .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔