وفاقي سرڪار پاران ملڪ ۾ وڌيڪ 50 هزار يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي سرڪار ملڪ ۾ وڌيڪ 50 هزار يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته ڪامياب نوجوان پروگرام تحت نوجوانن کي يوٽيلٽي اسٽورز کولي ڏنا ويندا، مملڪتي وزير علي محمد خان يوٽيلٽي اسٽورز تي ضروري دوائون رکڻ واري تجويز کي بهتر ۽ دوائن جي اگهن ۾ واڌ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، علي محمد خان چيو آهي ته دوائن جا اگهه وڌائڻ واري پاليسي نواز ليگ جي دور ۾ تيار ڪئي وئي، جنهن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، دوائن جا اگهه وڌائڻ پويان ڪجهه مجبوريون آهن، تنهن هوندي اگهن تي نظرثاني لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، سينيٽ ۾ مملڪتي وزير علي محمد خان جي بيان تي اپوزيشن ميمبرز جو گوڙ، چيئرمين دوائن جي اگهن وارو مامرو صحت جي اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔