وفاقي ڪابينا ۾ 16 صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي مقرري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور :وفاقي ڪابينا ۾ 16 صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي مقرري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج، درخواست ۾ وزيراعظم، قانون واري وزارت، صلاحڪار ۽ خصوصي معاونن کي ڌُر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين موجب اڻ چونڊيل ماڻهو رياست جا اختيار استعمال نٿو ڪري سگهي ۽ اڻ چونڊيل ماڻهن ذريعي حڪومت نٿي هلائي سگهجي، درخواستگذار طرفان وفاقي ڪابينا ۾ اڻ چونڊيل ماڻهن کي شامل ڪرڻ وارو عمل ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رِسڪ قرار، کين هٽائي نوان صلاحڪار ۽ خصوصي معاون شامل ڪرڻ لاءِ حڪم ڏيڻ جي استدعا، لاهور هاءِ ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست تي حتمي فيصلي تائين وزيراعظم عمران خان کي به ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي حيثيت سان ڪم کرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔