سنڌ حڪومت پاران 500 ايڪڙ زمين بحريا ٽائون کي الاٽ ڪرڻ تي جي يو آءِ جو آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ حڪومت پاران 500 ايڪڙ زمين بحريا ٽائون کي الاٽ ڪرڻ واري معاملي تي جميعت علماءِ اسلام آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ دشمن منصوبي ۽ اهڙي الاٽمينٽ کي رد ڪري اي پي سي ۾ حڪمت عملي جوڙي ويندي. راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ يتيم خانو ناهي جو هڪ رپئي ۾ هڪ فوٽ زمين وڪرو ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ملڪ رياض ساڳئي زمين 10 هزار رپيا في فوٽ اسڪوائر کپائيندو آهي. اميرن کي نوازي ۽ غريبن کي لُٽڻ سنڌ حڪومت ۽ ملڪ رياض جي گڏيل ڳٺ جوڙ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔