کيري ۽ بند گوبي جو استعمال ڪرونا وائرس سبب موت جي شرح گهٽائڻ ۾ مفيد آهي؛ تحقيق

يورپ ۾ هڪ شروعاتي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪجهه مخصوص سبزين جي استعمال سان ڪرونا وائرس سبب موت جي شرح گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي.
مطالعي ۾ ظاهر ٿيو آهي ته روزاني جي بنياد تي بند گوبي ۽ کيري جي استعمال سان ڪورونا وائرس سبب مرڻ جي شرح 13.6 سيڪڙو ۽ 15.7 سيڪڙو گهٽائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
جڏهن ته تحقيق دوران ٻين ڀاڄين ۾ اهڙي ڪا به شي سامهون نه آئي آهي.
اهو مطالعو ، فرانس جي مونٽ پيلير يونيورسٽي ۾ ڪيو ويو جيڪو اڃا تائين ڪنهن ميڊيڪل جرنل ۾ نه شايع ٿيو آهي پر آن لائين شيئر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔