ديامير ڀاشا ڊئم جي رٿا ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ اهم وِکَ

پاڪستان جي تمام وڏي ديامير ڀاشا ڊئم تي تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ، جنهن جو افتتاح وزيراعظم عمران خان 15 جولاءِ 2020ع تي ڪيو هو .

هن ڊئم بابت جيڪي انگ اکر پيش ڪيا ويا تن موجب هي رٿا جيتري ماحول دوست آهي، ان کان وڌيڪ هن منصوبي هيٺ 81 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري سگهبو، ڊيم ۾ گڏ ڪيل پاڻي مان 64 لک ايڪڙ فوٽ استعمال ۾ آڻي سگهبو .

هن ڊئم وسيلي هر سال 18 ارب ڏهه ڪروڙ يونٽ تمام سستي بجلي به ٺهي سگهندي ۽ هي ڊئم لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ جو به ذريعو ثابت ٿيندو  .

ديامير ڀاشا ڊئم واري رٿا سان 16000 نيون نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ مقامي ماڻهن جي زندگي  جو معيار بهتر ٿيندو .

ديامير ڀاشا ڊئم جي اڏاوت واري اعلان ۽ وزيراعظم جي افتتاح کانپوءِ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ هن ڊئم خلاف واويلا شروع ڪئي وئي ۽ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون ڪالا باغ ڊئم وانگر سنڌو درياءَ تي هن ڊئم جي اڏاوت کي به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خلاف هڪ سازش قرار ڏنو ۽ پنهنجو روايتي نعرو برقرار رکيو ته سنڌو درياءَ تي ڪنهن به قسم جو ڪو ڊئم قبول نه ڪيو ويندو .

ٻئي پاسي پاڻي ماهرن جي راءِ بلڪل مختلف آهي ، سندس چوڻ آهي ته ديامير ڀاشا ڊئم واري رٿا سان نه رڳو پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ بجلي جي پيداوار وڌي سگهندي پر هي ڊئم هڪ متبادل ڊئم هوندو. جيڪو تربيلا ڊيم جي لٽيل صلاحيت کي پورو ڪندو.

سنڌ کي انهيءَ جي 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ ذخيري مان 37 سيڪڙو پاڻي ملندو. جيڪو 2.36 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو. جيڪو ربيع ۾ خاص طرح ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ ڪم ايندو. سنڌو درياهه ۾ هجڻ ڪري اهو پاڻي ڪهڙي پاسي به ورائي سگهجي ٿو.

ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته اهو ڊيم هر سال ڀربو. ان تي خرچ وفاقي حڪومت ڪندي. انهيءَ کان مٿي ڪو به واهه نه نڪري سگهندو ۽ تربيلا کان مٿي هجڻ ڪري پختونخوا جي شهر نوشهرا ٻڏڻ جو خطرو نه هوندو ۽ سنڌ کي ڪابل درياهه ۽ ٻين ڪيترين نئين جو پاڻي بنا روڪ ٽوڪ جي ملندو رهندو.

پاڻي ماهرن جو اهو به خيال آهي ته هن ڊئم سان پاڪستان جي معيشت تي به سٺو اثر پوندو، ڇو ته پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ماڻهو زراعت پيشي سان تعلق رکن ٿا ، ۽ زراعت جوسڌو سنئون واسطو پاڻي سان آهي ، جڏهن پاڻي گهٽجي ٿو ته سڌو سنئون اثر زراعت تي پوي ٿو ۽ ديامير ڀاشا ڊئم جي اڏاوت کانپوءِ گڏ ٿيندڙ پاڻي جي ذخيرن مان 64 سيڪڙو جڏهن زراعت لاءِ ڪتب ايندو ته ملڪي معيشت پنهنجو پاڻ بهتري ڏانهن وڌندي.

سنڌ سميت ملڪ جي عوام ۽ خاص ڪري سياسي پارٽين کي پنهنجي انفرادي مفادن  کي پاسي رکندي هن رٿا جي اجتماعي فائدن کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ ان جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي ، ڇو ته ان رٿا سان سڌو سنئون اسان جي زراعت کي فائدو رسي ٿو جنهن سان اسان جي ملڪ جي ترقي واڳيل آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔