ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه به مشهور سوشل ميڊيا ايپ تي پابندي لڳائڻ جي حامي نڪتي

لاهور؛ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه به مشهور سوشل ميڊيا ايپ تي پابندي لڳائڻ جي حامي نڪتي..ههڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي افواهن بابت ڳالهائيندي حريم شاهه اعتراف ڪيو ته ڪجهه نوجوان ٽڪ ٽاڪ ايپ تي نامناسب وڊيوز ٺاهي رهيا هئا ، جنهن جي ڪري حڪومت اهڙو قدم کڻي رهي آهي. ”جيڪڏهن حڪومت نئين نسل کي آفتن کان بچائڻ جو ڪو فيصلو ڪيو آهي ، ته پوءِ اسان کي ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت کي ان فيصلي تي قدم کڻڻ گهرجي. حريم شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهن جي اعتراض جوڳيون وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ ڪري ايپ کي غلط سمجهيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔