ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، شهرين جون پريشانيون ختم نه ٿيون

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. 

رپورٽ موجب ڪراچي جي رهواسين جون پريشانيون گهٽ نه ٿي سگهيون. لياري، اورنگي ٽائون، ڪورنگي سميت مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪراچي ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد جو فرق 500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو جنهن سبب مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب جاچ ڪميٽي ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جي سفارشن جي روشني ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. نيپرا طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

نيپرا جي جاچ ڪميٽي جي رپورٽ موجب بجلي بحران سبب تيل جي کوٽ قرار ڏيڻ غلط آهي. ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي پيداوار لاءِ سرمائيڪاري ناهي ڪئي. ڪي اليڪٽرڪ سوئي سدرن سان معاملا طئي ناهن ڪيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔